ڦل(ن پ ا)ڦل ڀرسان درگاه فقير ظاهر پير مست جي ميلي تي ڪوڏي ڪوڏي راند حيدري ڪلب درياخان مري شهباز ڪلب ۽ سونهري فارم مورو وچ ۾ ٿي جنهن ۾ تر جي مشهور پهلوانن نياز حسين سيال، بجلي مري ۽ ٻين بهترين راند جو مظاهرو ڪندي هڪٻئي کي ڪينچيون هڻي وٺ ڪري ڏسندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀلوڙ راند پيش ڪئي جنهن سبب مقابلو  برابر رهيو. ميلي جي گادي نشين فقير طارق روشن ميمڻ سميت صحافي برادري جي محمد خالد ميمڻ، ماجد علي ميمڻ ۽ ٻين رانديگرن کي داد ۽ انعام ڏنو.