ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ سونو فقير کوسو ۾ 65 سالن جي امير بخش ولد صاحب خان لغاري غربت کان تنگ اچي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آندو. خودڪشي ڪندڙ پيرسن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. خودڪشي ڪندڙ پيرسن امير بخش لغاري جون 2 شاديون ٿيل هيون، جن مان کيس 2 پٽن ۽ چار نياڻين سميت ٽوٽل 6 ٻار هئا، مرحوم ڳوٺ جي وڏيري غلام فقير کوسو جي زمين تي گهر ٺاهي رهندو هو ۽ سندس ئي زمين تي هارپو پڻ ڪندو هو، غربت ۽ گهرو پريشانين سبب خود ڪشي ڪيائين.