ماتلي (ن پ ا) ماتلي ويجهو ڦلڪارا ۾ گهر اندر ننڍ پيل 8 ورهين جي معصوم محمد حنيف پٽ غلام مصطفيٰ چانڊيو کي نانگ ڪکي وڌو. نينگر کي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتي جسم ۾ زهر ڦلهجي وڃڻ سبب معصوم علاج کان اڳ دم ڌڻي حوالي ڪيو. نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس امڙ صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي. فوتي نينگر جو لاش ضروري ڪاروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.