ڦليلي ڪئنال ۾ فيڪٽرين جو ڪيميڪل مليل ۽ گٽرن جو پاڻي ڇوڙ

0
188
ڦليلي ڪئنال ۾ فيڪٽرين

ٽنڊومحمدخان ( رپورٽ امتياز مڱريو ) ڦليلي ڪئنال ۾ فيڪٽرين جو ڪيميڪل مليل ۽ گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري انساني حياتيون توڙي چوپايو مال داءُ تي لڳل آهي. ان ڏس ۾  ٽنڊومحمدخان ضلعي جي هيڊ ڪواٽر شهر جي وچ مان نڪرندڙ  ڦليلي ڪئنال ۾ حيدرآباد . هوسڙي ، کٿڙ . سيري . ٽنڊومحمدخان شهر . ماتلي شهر، تلهار شهر، بدين  سميت مختلف علائقن مان گذرندڙ ڦليلي ڪئنال مان لکين انساني زندگيون ۽ آبي جيوت پاران  پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي  ڪرڻ جي ڪري مختلف  بيمارين جي ورچڙهي ويا آهن.انسانن سان گڏ آبي جيوت لاءِ پڻ زهريلو پاڻي سخت خطرو بڻيل آهيم جڏهن ته اهو پاڻي زرعي زمينن کي پڻ سخت متاثر ڪري رهيو آهي، ۽ بيٺل  فصلن  کي پڻ ڪاپاري نقصان رسي رهيو آهي

ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر شڪيل قريشي، ڊاڪٽر  جي ايم گل ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالها ئيندي چيو آهي ته  ڦليلي ڪئنال جي فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي جي نيڪال ۽ گٽرن جي  گندي  پاڻي جي هلندڙ فراهمي کي  انساني حياتين توڙي حياتيات لاءِ سخت خطرو آهي بيمارين جو ڦهلجڻ عام آهي آب هوا متاثر ٿيڻ سان انساني جسم مخلتف بيمارين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هوڏانهن شهرين عبدالحفيظ سٺيو ، فياض ڀٽي ،عبدالڪريم ، ۽ ٻين چيو آهي ته انساني زندگين ۽ آبي جيوت  کي موت جي منهن کان بچائڻ لاءٌ جوڳا قدم کڻي  ڦليلي ڪئنال ۾ فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي ۽ گٽرن جي گندي  پاڻي جي نيڪال کي فوري طور تي  بندڪرائي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.