ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڳوٺ بلاول پنهور ۾ ٻه مھينا اڳ  گھٽي ماملي تان قتل ڪيل شاگرد طارق پنھور جا قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن، جنهن خلاف مقتول جي والد سڄڻ پنهور ۽  عبدالعزيز ،فاروق احمد ،پسند علي پنهور احتجاج  ڪيو. هن دانهيون ته  ٻه مهينا اڳ منهنجي نوجوان پٽ کي گهٽي جي معاملي تان قتل ڪندڙ جوابدار قانون کان به ڏاڍا 2 مهينا گذرڻ باوجود ڦلجي پوليس  قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام  رهي آهي. ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي قانوني مدد ڪري. وارثن  الزام هنيو ته  پٽ کي قتل ڪندڙ گھر خالي ڪري ڀڄي ويندڙ جوابدار پوليس سان ڏيتي ليتي ڪري واپس گھرن ڏانهن موٽي آيا آهن پر ڦلجي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿي ڪري .  ڪنھن وقت به خونريزي وري ٻيهر ٿي سگهي ٿي هنن وڌيڪ دانهيندي چتاع ڏيندي چيو ته اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميوار ڦلجي اسٽيشن پوليس  ھوندي. هن وقت اسين پ پ پ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهي رھيا آهيون ان لاء پ پ پ جا مخالف اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن پيا. نوجوان جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن.