دادو / ڦلجي اسٽيشن (نمائندا)  ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ حاجي کوسو ۾  غربت مٿان مهانگائي سبب پريشان  نوجوان زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان ڏس ۾ 26 ورهين جي نوجوان احمد بخش کوسو بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ اچي ووئڻن واري  زهريلي دوا پي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، اطلاع تي وارثن پهچي نوجوان کي دادو سول اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ضروري ڪاروائي کانپوء نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جي ڀاءُ چنيسر کوسو ٻڌايو ته ڀاءُ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي ووئڻن جي فصل ۾ اندر وڃي ووئنڻن کي جيتن کان بچاء لاء ايندڙ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي، خودڪشي جو اطلاع دير سان ملڻ سبب زهر سموري جسم ۾ پکڙجي ويو ڀاء کي دادو اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ڀاء جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. وارثن ٻڌايو ته احمد بخش جي 6 مهينا اڳ شادي به ڪرائي هئي.