دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) ڦلجي اسٽيشن پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هاف فراء ڪيل عابد پٽ عبدالله پنهور ڪالھ عدالتي احاطي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ کانپوء وارثن پاران لاش دفنائڻ کان انڪار ڪندي جوڊيشل ڪامپليڪس دادو جي مک گيٽ وٽ دادو ڄامشورو انڊس هاء وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. مارجي ويل جي ڀيڻ مسمات صغري ۽ ڀاء زاهد پنهور جي اڳواڻي ۾ وارثن مسلسل 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي.  ڊي ايس پي دادو عبدالخالق وڳڻ ڌرڻو هڻي ويٺلن وٽ پهتو ، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جي وارثن ڊي ايس پي دادو کي چيو ته پهريان جڙتو مقابلي ۾ ملوث ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو پوء ڳالهيون ڪنداسين بعد ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو محمد مراد ميمڻ ، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عابد جي ڀيڻ صغرا ۽ ڀاء زاهد کي آفيس گهرائي ساڻن ڳالهيون ڪري کين انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي جوڊيشل ڪامپليڪس آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو ، سيشن جج دادو جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪري وارث لاش کڻائي ڦلجي اسٽيشن روانا ٿي ويا آهن ، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عابد پنهور جي ڀيڻ صغري ۽ ڀاء زاهد پنهور ٻڌايو ته ڦلجي اسٽيشن پوليس عابد کي ٻه ڏينهن اڳ گهران گرفتار ڪري وئي ۽ بااثر آفتاب پنهور کان وڏي رقم وٺي اسان جي ڀاء عابد کي ڄنگھ ۾ گولي هڻي هاف فراء ڪرڻ کانپوء رت نه بيهڻ باوجود پوليس کيس رمانڊ لاء دادو عدالت کڻي پهتي جتي 2 ڪلاڪن تائين اسان جو ڀاء پوليس موبائيل ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ، ڦلجي اسٽيشن پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ، ٻين اهلڪارن سان گڏ بااثر آفتاب پنهور خلاف قتل ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا.