ڦلجي اسٽيشن(ن پ ا) ڦلجي مان اغوا ٿيل ٻن ڀينرن جو ڪيس اَٺ ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڦلجي اسٽيشن شهر جي محمود آباد پاڙي جي رهواسي رٽائرڊ پوليس اهلڪار رستم هنڱورو جي ٻن ڌيئرن 18 سالا عروسہ ۽ 13 سالا اميشہ جي اغوا جو ڪيس سندن والد جي فرياد تي ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي اَٺ جوابدارن نصرالله، وقار، امان الله، غلام قادر، غفور هنڱورو ۽ ٻين تي گناهہ نمبر 19/2021 ۽ قلم 365، 337، 34 تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ نياڻين جي اغوا دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل سندن والده جو علاج هلندڙ آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد اغوا ٿيل ڀينرن جي هٿ اچڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڪا اڳڀرائي نہ ٿي سگهي آهي.