سيول (دلچسپ نيوز) ڏکڻ ڪوريا جديد ترين سپر سونڪ ايف 21 جنگي جهاز متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ ايف 21 جنگي جهاز کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ڪوريا جديد ترين فوجي سازوسامان تيار ڪندڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڏکڻ ڪوريا طرفان ملڪي سطح تي تيار ٿيندڙ سپر سونک جهاز کي ڪي ايف 21 بوراماني جو نالو ڏنو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اميد آهي ته آپريشنل ٿيڻ کان پوءِ جنگي جهاز جو هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل ليس ڪيو ويندو امڪاني طور تي جهاز ۾ ڪروز ميزائل به فٽ ڪيو ويندو.ٻن انجڻن تي ٻڌل جهاز هڪ ٻئي ٻن سيتن واري ورزن سان گڏ دستياب هوندو. جنهن جو انحصار ملندڙ ٽاسڪ تي هوندو. ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته آزادانه دفاعي سازو سامان جي تياري جي لاءِ دور جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ڪي ايف 21 ڏکڻ ڪوريا جي ايوي ايشن انڊسٽري جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم چيو آهي ته جڏهن جهازن جي پروڊڪشن مڪمل طور تي شروع ٿيندي ته هڪ لک نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ملڪ کي 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو فائدو ٿيندو.