راولپنڊي (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائيڪندي 8 دهشتگرد ماري ڇڏيا.  آءِ ايس پي آر موجب شن وارسڪ جي علائقي ۾ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو، جن ۾ ڪمانڊر جان محمد عرف چراغ به شامل آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي حامد رسول شهيد، جڏهن ته ٻن آفيسرن سميت 4 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا.