ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

0
341

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسپن ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دروان شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ نائيڪ نزاڪت خان شهيد ٿي ويو جنهن جو واسطو اٽڪ سان هو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي دهشتگرد ٽي ٽي پي جا سرگرم ميمبر ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.