خرطوم(انٽرسٽنگ نيوز) ڏکڻ سوڊان ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي، جتي پوليس نينگر جي قتل جي الزام ۾ ڳئون کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڳئون ڪجهه ڏينهن اڳ فارم جي ٻاهران 12 ورهين جي ٻار تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻار کي ماريندڙ ڳئون ۽ ان جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ٻار کي ماريندڙ ڳئون خلاف ڪيس هلايو ويندو. پوليس چيو ته ڳئون ٻار تي اهڙو حملو ڪيو جو هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. جنهن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال کڻائي وياسين ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.