لکنو(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ڀارت کي 9 رنز تان هارائي ڇڏيو. ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 40 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنز ٺاهيون. ڊي ڪوڪ 48 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، هنرچ ڪلاسن 74 ۽ ڊيوڊ ملان 75 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ڀارت طرفان شرڌل ٺاڪر 2 وڪيٽون ورتيون. ڀارت سنجو سيمسن جي 86 رنز جي مدد سان مقرر 40 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 240 رنز تائين محدود رهي.