لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 21 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسٽول ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنز ٺاهيون. ريزا هينڊرڪس 74 ۽ ايڊن مارڪرام 56 رنز ٺاهي نمايان رهيا. آئرلينڊ طرفان گيرٿ ڊيلاني 2 جڏهن ته اينڊي ميڪبرائن ۽ جوش لٽل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هدف پٺيان آئرلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنز ٺاهي سگهي. لورڪان ٽڪر 78 ۽ جارج ڊوڪريل 43 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪيشو مهاراج، وين پارنيل ۽ تبريز شمسي 2،2 وڪيٽون ورتيون.ريزا هينڊرڪس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.