اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايوان ۾  2002 کان 2013ع تائين نيب سان پلي بارگينگ ڪري رقم واپس ڪندڙن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن، قانون وزير اعظم نذير تارڙ ايوان کي لکت م پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو آهي ته 2002ع کان سال 2013ع دوران ڪل 182 سرڪاري ملازمن نيب سان هڪ ارب 55 ڪروڙ 68 لک 81 هزار رپين جي پلي بارگين ڪئي، راولپنڊي نيب سان 48 ملازمن پلي بارگينگ ڪري 62 ڪروڙ 95 لک 13 هزار رپيا واپس ڪيا، لاهور نيب سان 40 ملازمن پلي بارگينگ ڪري 41 ڪروڙ 6 لک، ڪي پي ڪي نيب سان 55 ملازمن 22 ڪروڙ 59 لک، ڪراچي نيب سان 18 ملازمن 24 ڪروڙ 9 لک، بلوچستان نيب سان 21 ملازمن پلي بارگينگ ذريعي 4 ڪروڙ 98 لک رپيا واپس ڪيا، ڄاڻايل عرصي دوران 182 سرڪاري ملازمن مجموعي طور تي هڪ ارب 55 ڪروڙ 68 لک رپيا پلي بارگينگ ذريعي واپس ڪيا، پيش ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پلي بارگينگ ڪندڙ 182 ملازمن ۾ اڳوڻي نيول ايڊمرل منصور الحق 37 ڪروڙ 77 لک، اڳوڻي واپڊا سيڪريٽري غضنفر اقبال ۽ ٻين پلي بارگينگ ذريعي هڪ ڪروڙ 68 لک، اڳوڻي انڪم ٽيڪس ڪمشنر طاهر لطيف شيخ 3 ڪروڙ 10 لک، اڳوڻي اي او بي آءِ چيئرمين 2 ڪروڙ 30 لک، اڳوڻي ناڻي سيڪريٽري بلوچستان محمد يوسف نيازي 81 لک، اين آءِ ايڇ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد محسن علي 4 ڪروڙ 53 لک، اڳوڻي ڊائريڪٽر پاسپورٽ مختيار احمد 2 ڪروڙ 54 لک، اڳوڻي واپڊا ڊائريڪٽر وحيد اصغر، سندس گهرواري صائمه ۽ ٻين 3 ڪروڙ 32 لک، سردار غلام ارشد 15 لک، اڳوڻي ڊي جي ايم ايل اين سي نعيم خان هڪ ڪروڙ 24 لک، چيف سينٽرل ايڪسائيز شوڪت علي ڀٽي 14 ڪروڙ 21 لک، اڳوڻي جي ايم پي ٽي سي ايل عابد علي هڪ ڪروڙ 70 رپيا جمع ڪرايا، جڏهن ته سينيٽ ۾ پيش ڪيل تفصيلن ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ پلي بارگينگ ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۾ اختر حسين انصاري، صادق علي، شام لال  پلي  بارگينگ ذريعي 2 ڪروڙ رپيا واپس ڪيا، اي او بي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين شيخ برڪت الله ۽ ٻين ميمبرن 2 ڪروڙ 30 لک، عبدالمجيد بروهي 8 ڪروڙ 18 لک، حضور بخش ڪلوڙ، شمع خاتون، ساجد ڪلوڙ هڪ ڪروڙ 63 لک، محمد منهان خان چانڊيو 5 ڪروڙ 60 لک، سيد عابد عباس نقوي 91 لک، غلام سرور 13 لک سوڌو ارباب علي، نبي بخش، سيف الله سومرو، محمد حميد اعواڻ، جمال الدين ملاڻو، خالد محمود جا نالا به شامل آهن.