ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ۾ پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي سازش، ڊي آر او ۽ انتظاميا ڌر هجڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ارباب ظفر الله، ارباب عمران ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھاءِ ڪورٽ پاران اليڪشن جي حوالي سان ڊي آر اوز کي ليٽر ملي چڪو آهي پر 3 ڏينهن گذرڻ باوجود اليڪشن ڪميشن  اسان کي ميٽنگ لاءِ ناهي گهرايو، هنن چيو ته ڊي آر او پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري عوام کان ووٽ ڏيڻ جو حق کسي رھيو آهي، ھنن چيو ته ڊي آر او پنهنجو من پسند عملو مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن چيو ته پابندي باوجود ضلعي ٿرپارڪر جون 60 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنون پ پ اڳواڻن جي چوڻ تي بدلي ڪيون ويون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته  اليڪشن رينجرز ۽ فوج جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي،