حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڏيپلو ۾ گئوچر لاءِ مختصر زمين تي مبينا قبضي خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 5 آڪٽوبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڏيپلو سان تعلق رکندڙ وڪيل محمد عارف ڪلر عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڏيپلو ۾ چئني پاسن کان گئوچر لاءِ زمين مختص ٿيل آهي جنهن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري دڪان، هوٽلون ۽ ڪارخانا قائم ڪري پنهنجون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالتي حڪم بعد پوليس ۽ روينيو کاتي پاران به رپورٽ جمع ڪرائيندي انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڄاڻايل زمين تي قبضا ٿي رهيا آهن جنهن بعد لاڳاپيل عدالت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ايٽ مٺي کي قبضا ختم ڪرائي سموري زمين آجي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي به ڪيترو ئي عرصو گذرڻ باوجود عمل ناهي ٿي سگهيو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڊي سي ٿرپارڪر ايٽ مٺي سميت لاڳاپيل عملدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.