مٺي/ ڏيپلو (رپورٽ: ممتاز نهڙيو + نريش موراڻي) ڏيپلو ٿاڻي تي ڳوٺ ڪڙڪاسر جي رهواسي پورهيتن گل محمد هالو ۽ ملوڪ هالو تي ٿيل تشدد ۽ تذليل واري ڪيس جي 14 جوابدارن مان 3 جوابدارن احمد هالو، رمضان هالو ۽ نصرالله هالو کي ارباب گروپ پاران پوليس سان ڊيل تحت گذريل رات ڏيپلو ٿاڻي تي پيش ڪيو ويو هو، ڄاڻايل جوابدارن کي پوليس سول اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري 2 ڏينهن جو رمانڊ ورتو، عدالت مان واپس ڏيپلو ٿاڻي پهچڻ بعد هڪ جوابدار احمد هالو مبينا طور دماغ کي چڪر اچڻ سبب زمين تي ڪري بي هوش ٿي ويو، جنهن کي پوليس پاران مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ٻي طرف اطلاع تي ارباب گروپ جو اڳواڻ اڳوڻو ضلعي ناظم ارباب انور جبار ۽ ارباب ظفر الله ڏيپلو ٿاڻي بعد اسپتال پهتا، جتي ارباب انور جبار ٻڌايو ته تذليل ۽ تشدد ڪيس جي 3 جوابدارن کي اسان رات ڏيپلو پوليس وٽ پيش ڪيو هو، جن مٿان پوليس تشدد ڪيو، جنهن ڪري احمد هالو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان جي همراهه کي ڪجھه ٿيو ته ذميوار پوليس هوندي، هن چيو ته پوليس رڳو سياسي مخالفن خلاف ڪارروايون پئي ڪري، جنهن خلاف اڄ کان تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۽ ٻئي مرحلي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي ۾ پوليس گردي خلاف ڌرڻن جو اعلان ڪيون ٿا.