اسلام آباد (بيورورپورٽ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. پاڪستان جا مخالف پاڪستان جي ڏيوالي نڪرڻ جا افواهه پکيڙي رهيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون خبرون مڪمل طور غلط آهن پر اهي خبرون حقيقتن جي به ابتڙ آهن، اهي خبرون پاڪستان جا مخالف عنصر پکيڙي رهيا آهن، وقت تي ٻاهرين ادائيگين باوجود اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا ناڻي ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جي واڌ ٿي. هن چيو ته پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي قرض جي سهولتن ۾ اضافو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان جون آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جون ڳالهيون تقريبن مڪمل ڪري ورتيون آهن سمورا معاشي اشارا آهستي آهستي درست رخ ۾ وڃڻ شروع ٿي ويا آهن. عمران خان کي ٽوئيٽر تي جواب ڏيندي ڊار چيو ته هي تنهنجي آندل تباهي آهي جنهن کي اسان ٺيڪ ڪري رهيا آهيون الله جي ڪرم سان ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي باقي به ڪري وٺنداسين.