بدين (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي اباڻي ضلعي بدين ۾ منشات فروشي ۽ ٻين سماجي براين خلاف آواز اٿاريندڙ خلاف پوليس جي انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڏيئي ۾ منشات فروشي سماجي براين ۽ مسئلن خلاف آواز اٿاريندڙ عوامي تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن رمضان رستماڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، جنهن جي گرفتاري جو ٻڌي سياسي سماجي ۽ قوم پرست ڌرين ۾ تاء پکڙجي ويو آهي. عوامي جهموري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپور ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ امير آزاد پنهور ايس ٽي پي جي مرڪزي ترجمان شاهنواز سيال عوامي تحريڪ جي ضلع عهديدارن مهراڻ درس ايڊوڪيٽ رام ڪولهي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سانول گوپانگ رمضان رستماڻي جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته بدين پوليس ضلع منشات فروشي سماجي براين تي ڪنٽرول ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪامي بعد منشات فروشي خلاف آواز اٿاريندڙ صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي شاهه کان مطالبو ڪيو ته صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن خلاف پوليس جي انتقامي ڪارواين جو نوٽيس ورتو وڃي.