ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي ڀرسان عورت سان لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊوباگو _ جهڏو روڊ تي  اڊوڙي ٽيل ڀرسان ڳوٺ عبدالله ملاح ۾ 20 سالن جي شادي شده عورت شازيه زال شبير ملاح سان ساڳي ڳوٺ جي رھواسي پاڙيسري نوجوان جمال ملاح عورت جي گھر ۾ داخل ٿي ساڻس زبردستي لڄالٽ ڪرڻ واري واقعي جو ڏيئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عورت جي مڙس شبير ملاح جي فرياد تي جمال ملاح خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. متاثر عورت جو تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو مان ڪرايل ميڊيڪل رپورٽ نه ملي سگهي آهي. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار پڻ خبر موڪلڻ تائين گرفتار ٿي نه سگهيو هو.