ڏيئي(ن پ ا) بدين ضلعي جو ڏيئي شهر جيڪو وڏي تاريخ رکندڙ شهر سڏيو وڃي ٿو.  گذريل 25 سالن کان هن علائقي  جو مين روڊ جيڪو ٽنڊوباگو کان ڊگهڙي شهر کي ملائيندو آهي، اهو نه ٺهڻ ڪري هتان جي عوام لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. روڊ نه ٺهڻ ڪري ڏيئي شهر کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. هن روڊ تي 40 جي لڳ گاڏيون هلنديون هيون، اڄ انهي روڊ تي هڪ به گاڏي نه رهي آهي. هن روڊ تي ڊگهڙي کان حيدرآباد تائين گاڏيون، ڊگهڙي کان بدين ۽ ٽنڊو باگو تائين گاڏيون ھلنديون هيون. جنهن سان آس پاس جي ڳوٺن سفري سهولتن سان گڏ ماڻهن جو وڏو روزگار ٿيندو هو. ماڻهو پنهنجي منزلن طرف آساني سان اچ وڃ ڪندا هئا. ڊگهڙي کان شروع ٿيندڙ هن مين روڊ تي امن آباد، کوڙي، ڏيئي، کڏهرو کان ٽنڊوباگو تائين ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ، هن وقت روڊ نه هئڻ ڪري مڪمل ختم ٿي ويا آهن. جڏهن ته هن وقت ان روڊ تي هڪ به گاڏي هلندڙ ناهي، گذريل ڪيتري وقت کان هتان جي سياسي سماجي ماڻهن احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون ڪري ڌرڻا به هنيا پر انتظاميه توڙي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن تي هتي جي عوام جي احتجاج جو اثر نه پئجي سگهيو آهي.