ڏوڪري (ن پ ا )  ڏوڪري باءِ پاس چنا  پل چونڪ تي شراب جي گُتي تان شراب خريد ڪرڻ وقت 50 رپيا رعايت نه ڪرڻ تان جتوئي ۽ چانڊيا برادري ۾ 25 ڏينهن اڳ جهيڙو ٿي پيو هو،ڳوٺ بخش جتوئي واسي هارپو ڪندڙ 30 سال جو نظام الدين جتوئي سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، وارث پوسٽ مارٽم لاءِ لاش ڏوڪري اسپتال کڻائي آيا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جهيڙي جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ٿيل آهي.