ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ پورهيت جي تذليل ۽ تشدد واري مامري جو گاڏهي هائوس تي علي ڏنو گاڏهي جي سرپرستي ۾ فيصلو ڪيو ويو.الزام ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان ڏنڊ لڳايو ويو. 8 ڏينھن اڳ فارم ڪالوني جي رهواسي قربان چانڊيو کي گاڏهي برادري جي ماڻھن گل پٽڻ تان زنجيرن، بجليءَ جي تارن ۽ رسن سان هٿ پير ٻڌي تذليل جو نشانو بڻائي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي سخت تشدد ڪري رتورت ڪري روڊن رستن تي گهليو هو.ڏوڪري ٿاڻي تي 10 جوابدارن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، 3 جوابدارن لياقت گاڏهي، بابر گاڏهي ۽ خادم گاڏهي کي 5 ڏينھن اڳ گرفتار ڪيو هو. جوابدار ڌر مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي وڌل 6 لک ڏنڊ جي رقم جوابدار ميڙ سان گڏ پورهيت کي ادا ڪندي، واضع رهي ته پورهيت جي تذليل ۽ تشدد واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو هو ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم به جاري ڪيو هو جنهن کان پوءِ برادرين جي چڱن مڙسن پاران ڌرين جو فيصلو ڪرايو ويو آهي.