ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري لڳ ڳوٺ بگي وٽ گڏھ گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ حبيب الله بروهي واسي اڳوڻو ڪائونسلر 55 سال جو فيض محمد بروهي سخت زخمي ٿي  پيو، جنهن کي لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي.