ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل شاگرد حق نواز جوڻيجو کي پوليس بازياب ڪرائي عدالت  ۾ پيش ڪيو. پوليس شاگرد کي عدالت ۾ بيان ڏيارڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. مبينا طور اغوا ڄاڻايل شاگرد جو چئن جوابدارن علي حسن جوڻيجو، علي نوازجوڻيجو، دلشير ۽ نادر جوڻيجو خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.پوليس موجب وارثن 40 ڏينهن اڳ اغوا ٿيڻ جو چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، سنهري روڊ سان گشت دوران شاگرد کي بازياب ڪرايو، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.