ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي ڪرسي تان ٻن استادن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، انچارج هيڊ ماستر نثار سولنگي نئين بدلي ٿي آيل هيڊ ماستر استاد وزير علي منگي کي چارج ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جي صحيح سان 10 آڪٽوبر تي استاد وزير منگي جو هاءِ اسڪول ڏوڪري جو هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، هوڏانهن استاد وزير منگي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو آھي، نثار سولنگي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود چارج نه ٿو ڏي، هن چيو ته نثار سولنگي 16 گريڊ جو آھي، مان 18 گريڊ ۾ آھيان، هيڊ ماستر جي پوسٽ 18 گريڊ جي آھي، هن وڌيڪ چيو ته انچارج طور مقرر ٿيل استاد نثار سولنگي غيرقانوني طور تي پوسٽ تي ويٺل آهي جيڪو قانون جي ابتڙ آهي.نثار سولنگي جو چوڻ هو ته وزير منگي 18 گريڊ ۾ آهي، سندس سيڪريٽري پاران ڪيل آرڊر ۾ 17 هون گريڊ ڄاڻايو ويو آهي، تنهن ڪري کيس چارج نه ٿو ڏيان.