دادو: ڦلجي اسٽيشن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل عابد پهنور دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فوت ٿيڻ کان اڳ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هو ڏوهاري ناهي، نه ئي مقابلو ٿيو آهي پوليس کيس گهران گرفتار ڪيو هو ۽ رات کيس اکين تي پٽي ٻڌي پوليس موبائيل ۾ کڻي وڃي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي، عابد پنهنجي اخبار کي اهو به ٻڌايو ته مٿس اڳ 3 چورين جا ڪيس داخل هئا جن مان هو بري ٿيل آهي ان بنياد تي پوليس ڏوهاري قرار ڏئي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي