سکر (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي/ سي آءِ اي سکر عبدالستار ڦل کي عھدي تان ھٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي سي آءِ اي عبدالستار ڦل کي ڏوھارين سان تعلقات ھجڻ، سماجي برائين جي سرپرستي ۽ ڏوھاريءَ کي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪرڻ جي الزام تحت انڪوائري بعد عھدي تان ھٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي. واضح رھي ته گذريل مھيني ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ، ڊي ايس پي سي آءِ اي عبدالستار ڦل ڏانھن وضاحتي نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو ھو ته عبدالستار ڦل ڪرپٽ پوليس آفيسر آھي، هو ڏوھارين کي سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ ملوث آهي.