ڪنڌڪوٽ: دراني مهر واري علائقي ۾ بدنام ڏوهاري خادم ڀيو خلاف پوليس آپريشن ۾ پوليس سان جهيڙي لاءِ 2 ڏوهاري گروپ پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس ۽ ڏوهاري خادم ڀيو جو دوبدو فائرنگ جو سلسلو هلندڙ هو ته اوچتو جاگيراڻي گينگ ۽ سبزوئي گينگ به پوليس مٿان ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ راڪيٽ لانچرز ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن سان حملو ڪري ڏنو.جاگيراڻي گينگ پاران دراني مهر ٿاڻي تي پڻ ڇتي فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا.