ڏورِين جي عادي سياست

0
198
اقتداري-جنون-۾-خراب-چالون

 عمران خان هڪ دفعو وري دهرايو آهي ته ان جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات بگڙيل نه هئا پر بگاڙيا ويا. هن افسوسناڪ انداز ۾ پنهنجي دردناڪي داستان ٻڌائيندي چيو ته هو ۽ اسٽيبلشمينٽ جڏهن هڪ پيج تي هئا ته سڀ ڪجھه ٺيڪ پئي هليو ۽ اسان جي وڏي طاقت هئي، بعد ۾ معاملا ڇا تي بگڙيا ۽ ڪيئن بگڙيا؟ هو اندر جي ڪهاڻي يا پنهنجي ڪمزورين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگين تي پورو سچ ته نٿو ڳالهائي سگھي پر ورجاءُ اهوئي پيو ڪري ته هن جي آرمي چيف سان وڏي ناراضگي جو سبب عثمان بوزدار جي معاملي تان هو. هن وري دهرايو ته جي عثمان بوزدار کي هو هٽائي ها ته پنجاب ۾ پارٽي ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وڃي ها. هن پنهنجي ساڄي هٿ يعني چيف اسٽاف شهباز گل جي گرفتاري تي ڳالهائيندي هي چيو ته هن جي پوري گفتگو ۾ رڳو هڪ سٽ فوج کي ڀڙڪائڻ جي زمري ۾ اچي ٿي ، پر انهيءَ کان وڌيڪ هن شڪايتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نواز شريف ، زرداري ، فضل الرحمٰن ۽ ٻين فوج جي خلاف ڪيترو ڳالهايو آهي

يعني سندس چوڻ هي آهي ته انهن جي ڀيٽ ۾ شهباز گل ايترو ناهي ڳالهايو جيتري سندس وٺ پڪڙ ٿي آهي. عمران خان اهم هڪ ٻيو انڪشاف ڪندي هي چيو آهي ته شهباز گل جي گرفتاري جو بنيادي ڪارڻ منهنجي ۽ جنرل فيض جي ملاقاتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ شهباز گل تي تشدد ڪيو پيو وڃي. هن کان منهنجي ذاتي معلومات جي باري ۾ به پڇا ڳاڇا ڪئي ٿي وڃي. ان سڄي انٽرويو ۾ هو اهو ڪجھه نٿو ٻڌائي ته معاملا جنهن نقطي تي خراب ٿيا اهي ڪهڙا هئا ۽ ڪنهن خراب ڪرايا. هن انٽرويو کان پهريان لاهور ۾ هاڪي اسٽيڊيم جو جلسو جيڪو 13 تاريخ ۽ 14 آگسٽ جي رات جو ٿيو تنهن ۾ خان صاحب هڪ لفظ به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه ڳالهايو نه نيوٽرل نه امپائر نه ڪجھه ٻيو پر هن پنهنجي مخالفن تي روايتي تنقيد ڪندي پوري ملڪ ۾ جلسن ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. خان صاحب جي خاموشي جو هڪڙو سبب هي به ٻڌايو ٿو وڃي ته هاڻي چوڌري پرويز الاهي پنهنجي ڊاڪٽرين جي حڪمت ۽ داءُ عمران خان کي ٻڌائي ۽ کيس سمجھائي معاملات کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي پيو ڪري، ممڪن آهي ته ايئن هجي.

ٻئي طرف ن ليگ جي اڳواڻ جاويد لطيف به پنهنجو دردناڪ بيان ڏيندي هڪ خوف جو احساس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته “ لڳي پيو ته عمران خان کي آڻيندڙ ڪجھه ماڻهو اڃان سندس ڏورين کي لوڏين ٿا ۽ اهي معاشي استحڪام ڏسڻ نٿا چاهن جيئن روپيو مضبوط پيو ٿئي ته وري احتجاج جا سڏ پيا ڏين، عمران خان کي آڻيندڙ نه سکندا، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن. جاويد لطيف هي به چيو آهي ته سيپٽمبر ۾ نواز شريف واپس ايندو ۽ قوم جي نمائيندگي ڪندو سندس ڀرپور آجيان ڪبي کيس جيل وڃڻ نه ڏينداسين.” هڪ طرف عمران خان ڀرپور اهائي ڪوشش پيو ڪري ته اسٽيبلشمينٽ سان ناراضگيون ختم ٿين ۽ ٻئي طرف ن ليگ بشمول پوري اتحادين کي اهوئي خوف آهي ته متان بگڙيل معاملا عمران خان جا ٺهي نه وڃن. ان ملڪ جي سياست جو ۽ جمهوريت جو اهوئي وڏو الميو آهي ته هنن سياست کي ۽ جمهوريت کي پنهنجي خوف ڪفالت ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪڏهن به عوام تي ناهي ڀاڙيو ۽ هو هر وقت اها ڪوشش ڪندا آهن ته پاپولر نعرن جي بنيادن تي يا مظلوميت جي بنيادن تي عوام جون همدرديون حاصل ڪري ووٽ بينڪ قائم رکجي ۽ اقتدار جا مزا ماڻجن پر اها ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي وئي ته سياست عوام تائين پهچائي عوام جي طاقت سان جمهوريت کي مضبوط ڪجي.

ڇو ته کين اها پوري خبر آهي ته جڏهن جمهوريت عوام جي طاقت سان قائم ٿيندي ته پوءِ سياست ڪاروبار نه ٿي رهي سگھي. اهو مفاد رڳو سياسي جماعتن جو ناهي پر هن ملڪ جي پوري جي پوري بيوروڪريسي ۽ رولنگ ڪلاس ( اهي سياسي پارٽين ۾ شامل هجن يا نه ) سڀني جو مقصد ۽ مفاد انهيءَ ۾ آهي ته عوام رياستي معاملن ۾ فيصلا ڪن ڪردار ادا نه ڪري رياست کان عوام صرف مراعتون گھري پر رياست جو مالڪ نه ٿئي.ڇو ته جيڪڏهن عوام رياست جو مالڪ ٿيندو ته هي سڀئي رياست کي لٽيندڙ ٽولا لٽ ڦر کان رڪجي ويندا ۽ اهو عمل هنن جي لاءِ انتهائي خوفناڪ ۽ ڀوائتي خواب جهڙو آهي.

تنهن ڪري تمام سياسي جماعتون جيڪي اقتدار جي گيم جو حصو آهن انهن هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڏورين ۾ پنهنجي پاڻ کي ٻڌل رکيو آهي. هاڻي معاملو رڳو اهو ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اها مجبوري آهي ته هو ڏورين ۾ هنن کي ٻڌل رکي پر هي پاڻ به پنهنجو پاڻ کي آزاد ڏسڻ نٿا چاهين. اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته هن ملڪ جي پوري تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن پارٽي ڪيترن به اختلافن جي باوجود تعلقات جون ڏوريون ڪٽيون ناهن. مثال ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل کان پوءِ پ پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ وڏو ٽڪراءُ پيدا ٿي ويو هو ليڪن ان دور ۾ به پ پ پ جي پوري قيادت سان اسٽيبلشمينٽ جو ڪو نه ڪو ڪردار هنن سان لڳ لاڳاپي ۾ هو جنهن جو اعتراف مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي ، غلام مصطفيٰ کر ، مولانا ڪوثر نيازي ، ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيزادي سميت جيڪي به سينئر اڳواڻ هئا يا آهن

انهن ڪيو يا  انهن جو ڪنهن نه ڪنهن رخ ۽ ڪنهن نه ڪنهن تعلق سان انهن ڏورين جو ڳانڍاپو رهيو ڊيل ٿيندي رهي پوءِ دير يا سوير کين فائدا مليا. مشرف جي دور ۾ به ن ليگ سان اها ئي ڊيل قائم رهي. ها جيڪڏهن ڪو بحث رهيو آهي ته  اهو مائنس ون يا مائنس ٽو. اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته اهو مائنس ون جو فارمولو يا مطالبو سياسي پارٽين جي لاءِ ٿيندو رهيو آهي پر سياسي پارٽين يا مين پارٽي طرفان به اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اها گھر ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته “ ڊيل ڪبي پر چهري جي تبديلي ضروري آهي ” پوءِ اها چهري جي تبديلي ڪڏهن هٽائڻ جي صورت ۾ ٿي ته ڪڏهن زندگي مٽائڻ جي صورت ۾ ٿي ٿئي. ليڪن ڏوريون قائم ۽ دائم رهنديون آيون آهن ۽ رهنديون اينديون. هن ملڪ جي سياسي پارٽين جو اهو هاڻي سياسي مفاداتي نظريو ته آهي پر هڪ غلاماڻي نفسيات به بڻجي وئي آهي.

بلڪل اهڙي نفيسات جيئن انقلاب فرانس ۾ جڏهن جيل ٽوڙيا ويا ته ڪجھه قيدي جن کي عمر قيد جي سزا لڳل هئي اها ڦاسي گھاٽن ۾ واڙيل هئا انهن کي به جيل ٽٽڻ سان آزادي ملي وئي هئي ، پر هو ڪجھه ڏينهن کان پوءِ واپس جيل جي دروازن تي اچي بيهي رهيا ۽“ چيائون ته اسان کي آزاد دنيا ۾ ڪو به مزو نٿو اچي کولين جو قيد هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون ۽ زنجير اسان جي مزاج جو حصو بڻجي ويا آهن اسان  آزاد رهي پنهنجو پاڻ کي اذيت ۾ محسوس ڪيون ٿا اسان کي واپس جيل ۾ بند ڪيو.” غلامي جڏهن ذلت جي احساس کان خالي ٿي وڃي ۽ انهيءَ مان لذت اچڻ شروع ٿئي ته اها ڪنهن به صورت ۾ ختم نٿي ٿي سگھي ۽ ڪو به غلام پنهنجي آزادي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه سوچيندو بلڪه آزادي هن جي لاءِ عذاب ۽ تڪليف جو سبب هوندي. عمران خان ڪيترو به پاپولر نظر اچي ڀلي هن جي جلسن ۾ هزارين ۽ لکين ماڻهو شامل ٿي وڃن پر ان کي اها ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته اقتدار ڪهڙي ڏوري جي لوڏڻ سان ملي سگھي ٿو ۽ ڪئين قائم رهي سگھي ٿو.

اهو معاملو رڳو عمران خان جو ناهي ن ليگ به انهيءَ کي ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿي پ پ پ ته وڏي سمجھه رکندڙ آهي. اسان کي هي به ياد رکڻ گھرجي ته جڏهن 1986ع  ۾ محترمه جلاوطني ختم ڪري لاهور آئي هئي ته رڳو لاهور نه پر پورو ملڪ ان جي استقبال ۾ روڊن تي نڪري آيو هو پر عوام جي طاقت کي ووٽ جي حد تائين رکيو ويو ان کي سياسي تحرڪ ڏئي اڳتي نه وڌايو ويو ۽ ڊيل اها ئي رهي جيڪا 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ اسان کي نظر آئي ۽ پوءِ باربار هن وقت تائين اهو معاملو ڪنهن هڪ سان ناهي پر سڀني سان آهي. اقتدار ۾ اچڻ  کان پوءِ هر پارٽي پنهنجي وفاداري جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر سياست ۽ معيشت جا تضاد ڪڏهن ڪڏهن اهڙين وڇوٽين کي پيدا ڪندا آهن جو ٺهڻ جي  باوجود به معاملا ٺهي ناهن سگھندا. معاملا ڪيترا به ڊهن دوريون ڪيتريون به ٿين چاهي وچ ۾ ڪو درياءُ وهي وڃي پر ڏوريون ۽ اشارا برقرار رهندا ڇو ته اها پوري سياست انهن جي عادي آهي ۽ عادي رهندي. سياست جي ارتقا ۽ جدلياتي ماديت اسان کي اهو ٺيڪ طرح سان سمجھائي ٿي ته انقلاب ۽ تبديلي جي لاءِ نون ڪردارن ۽ عملن جي ضرورت هوندي آهي ساڳيا ڪردار گھڻي ڀاڱي ٿوري فرق سان پراڻو عمل ۽ ورجاءُ ئي ڪندا.