ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ 5 مهينا اڳ بااثر سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري کانپوءِ گرفتاري دوران تشدد بعد تيزاب پي آپگهات ڪوشش ڪندڙ نوجوان 5 مهينن بعد زندگي جي جنگ هارائي ويو، ان ڏس ۾ ڳوٺ حبيب ڊکڻ جي رهواسي  مڪينڪ وجيش ڪمار ميگهواڙ جو 5 مهينا اڳ ڏهرڪي ۾ هڪ بااثر طرفان معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن بعد وجيش  ڪمار کي پوليس گرفتار ڪيو ۽  مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو،  نوجوان ساڳئي ڏينهن تي گهر اچي تيزاب پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي، 5 مهينن تائين وجيش ڪمار جو مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو ويو پر هن جي حالت نه سڌري سگهي،  هڪ مهيني کان وٺي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو، جتان کيس لاعلاج ڪري واپس ڳوٺ اماڻيو ويو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو،ان حوالي سان وجيش جي ڀاءُ  مڪيش ڪمار جو چوڻ آھي ته ڀاءُ پوليس جي تشدد سبب ڪاوڙ ۾ اچي تيزاب پيتو هو، في الحال صلاح مشورو ڪري رهيا آھيون، پوءِ ڪارروائي ڪرائينداسين.