ڏهرڪي (ن پ ا) ليبر ڪالوني واسي شوروم مالڪ محمد بخش سميجو جا ٻارڙا وياجين جي آزار کان تنگ ٿي پريس ڪلب پهتا. راشد سميجو چيو ته بشير مهر، ٻروچ مهر، نورحسن ڏهر ۽ امرت لعل وارن سان بابا جي ڏيتي ليتي هئي، ورتل رقم واپس ڏئي ڇڏي آھي. اسان ڏانهن هڪ ڪروڙ وياج جو قرض ڪڍيو ويو آھي. هڪ مهينو اڳ هڪ ڏينهن ۾ وياجين منهنجي بابا محمد بخش سميجو مٿان ڏهرڪي ٿاڻي تي ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا، جنهن کانپوءِ بابا گم آھي، جنهن کي وياجين قيد ڪري ڇڏيو آھي ,اسان جي پلاٽن دڪانن تي وياجين قبضا ڪري ورتا آھن. اسان هڪ مهيني کان وٺي دربدر آھيون، اسان جي ڪير به نه ٿو ٻڌي.هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي بابا کي بازياب ڪرائي وياج خورن کان جند آجي ڪرائي وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل سيٺ امرت لعل چيو اسان محمد بخش کي قيد ناهي ڪيو اسان جي هڪ ساٿي سان هن جي ڏيتي ليتي هئي، جيڪو اسان کي ڪوڙ ا چيڪ ڏيئي ويو آھي، وياج جي رقم ناهي اسان جو قرض اٿس. ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر نوٽيس وٺي اڄ متاثر ڌر کي پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو. اي سي جو چوڻ هو ته انڪوائري ڪندا سين جيڪڏهن وياج جو معاملو ثابت ٿيو ته انهن وياج خورن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.