ڏهرڪي ڪتاب اسڪينڊل: ڪتاب ٻارڙن جي هٿن بدران ٿاڻي تي ڏسي ڏک ٿيو

0
354

تعليم کاتي سنڌ جا درسي ڪتاب ڪٻاڙين وٽ وڪرو ٿيڻ جي انڪشاف بعد سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو جي ٽيم ڏهرڪي پهچي وئي

ٽيم ۾ شامل عملدارن جمشيد جوڻيجو ۽ عزيز عباسي چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ پهتا آهيون، درسي ڪتاب وڪرو ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي معاف نه ڪيو ويندو

ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن درسي ڪتاب وڪرو ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

شفيع محمد بلو، شائسته لغاري ۽ احمد بوزدار ڪميٽي ۾ شامل آهن

تعليم کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته درسي ڪتاب ٻارڙن جي هٿ ۾ هُجڻ بدران ٿاڻي تي پيل آهن، اهو منظر ڏسي ڏک ٿيو آهي

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي ۾ درسي ڪتاب وڪرو ڪرڻ بابت جاچ ڪميٽي قائم