سکر (بيورو رپورٽ) ھلندڙ سال جون مھيني ۾ ڏھرڪي ويجھو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ملت ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙيءَ تان لھي ويون ھيون، اِن دوران پنجاب کان ايندڙ سر سيد ايڪسپريس ملت ايڪسپريس سان ٽڪرائجي وئي ھئي، ريلوي ذريعن موجب اِن خطرناڪ حادثي جي ٻن مھينن کان به انڪوائري مڪمل ڪئي وئي، انڪوائري ڪاميٽي حادثي جي انڪوائري رپورٽ چيئرمين ريلوي حوالي ڪري ڇڏي آھي، چيئرمين ريلوي پاڪستان ٻه ڏينھن رپورٽ جو جائزو وٺندو، جنھن بعد رپورٽ کي فائنل ڪري 10 آگسٽ تي رپورٽ وفاقي وزير ريلوي حوالي ڪئي ويندي. ريلوي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آھي ته ڪاميٽي ايف جي آءِ آر جي سربراھي ۾ رپورٽ تيار ڪئي. فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر ريلوي فرخ تيمور ڪميٽي جي نگراني ڪئي، رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ ريلوي حادثن متعلق ماھر ڊاڪٽر عمر جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون جڏھن ته انڪوائري ڪاميٽي ۾ ريلوي جا رٽائرڊ آفيسر طاھر خان ۽ مقصود نبي به شامل آھن، وفاقي وزير ريلوي اعظم سواتي غير جانبداري انڪوائري جي ھدايت ڏني ھئي، حادثي جي ماھر ڊاڪٽر عمر اين ايچ اي ۽ سول ايويئيشن اٿارٽي ۾ به خدمتون حاصل ڪري چڪي آھي. ڄاڻايل انڪوائري ڪاميٽي حادثي واري جاءِ جو به معائنو ڪيو ھو، ڪميٽي متعلق آفيسرن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا ھئا، واضع رھي تہ 7 جون تي ڏھرڪي ويجھو انتھائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو ھو. ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ملت ايڪپريس جي بوگيون لھي ويون ھيون. پنجاب کان ايندڙ سر سيد اسڪپريس ملت ايڪسپريس سان ٽڪرائجي وئي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ مسافر فوت ۽ ھڪ سو کان وڌيڪ زخمي ٿيا ھئا.ذريعن موجب ڊي ايس ريلوي سکر، ڊويزنل ٽرانسپورٽ آفيسر سميت 20 ڄڻن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي