ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي جي مسلم ڪالوني ۾ يتيم لاوارث ناري صدف سومرو مٿان دوستي نه رکڻ تان اوباش نوجوانن جو مبينا تشدد، يتيم ناري پنهنجي امڙ رفيعه سان گڏ دانهن کڻي پريس ڪلب پهتي، ناري لڙڪ لاڙيندي رهي ، ناري صدف سومرو جو چوڻ هو ته رحيم سومرو، امتياز سومرو مون کي دوستي لاءِ تنگ ڪندا هئا، گذريل رات مٿي ڄاڻايل بااثرن دوستي جي انڪار تان هنن مون کي ۽ منهنجي امڙ کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، ڪنن مان واليون به لاهي ويا، صدف سومرو چيو ته اسان ڏهرڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪجهه نه ٿي ڪري، ناري چيو ته اسان لاوارث آھيون ڪو مرد ناهي ان ڪر ي ننڌڻڪو سمجهي اسان سان ناجائزي ڪئي وئي آهي، انصاف ڪيو وڃي.