ڏهرڪي: هندو پنچائت وارو مامرو ٿاڻي کانپوءِ گادي سر ساڌرام وٽ پهچي ويو

0
483

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ هندو پنچائت ۾ ڇڪتاڻ معاملو ٿاڻي کانپوءِ رهڙڪي صاحب جي گادي سر ساڌرام وٽ پهچي ويو، ڇڪتاڻ پوءِ به نه گهٽجي سگهيو، سوشل ميڊيا تي هندن جي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي، هڪ ٻئي کي گارگند ڪرڻ به شروع، هندو پنچائت جي پريس سڪيرٽري وجن لعل مٿان چار ڏينهن اڳ هڪ عورت سان ڇيڙ ڇاڙ جو الزام هنيو ويو ، وجن لعل الزام هڻندڙ مٿان ڪالهه ڏهرڪي ٿاڻي تي هارجي ويل مخالف اميدوار شنڪر لعل سميت 12 ڄڻن مٿا اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد معاملو ڇڪتاڻ طرف وڌي ويو، نئين چونڊجي آيل مکي انيل ڪمار دانهن کڻي رهڙڪي جي گادي سر ساڌ رام کي آگاهي ڏني جنهن بعد سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي خلاف الزام تراشيون چوٽ چڙهي ويون، مکي انيل ڪمار جو چوڻ آهي ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته وجن لعل جو چوڻ آهي ته مون مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن.