ڏهرڪي مان لاپتا ٿيل گهوٽ جو پتو نه پيو، ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار به مايوس

0
254

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي مان لاپتا ٿي ويل گهوٽ جو ٽن ڏينهن تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار به مايوس ٿي وئي ۽ گهوٽ جي امڙ کي به مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن

ڄڃ ڏهرڪي کان ڪنوار وٺڻ لاءِ رواني ٿي رهي هئي ته گهوٽ چيو بيهو مان واچ وٺي واپس ٿو اچان، گهوٽ واچ وٺڻ جي بهاني کسڪي گم ٿي ويو، جنهن جي هن وقت ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي

گهوٽيتا گهوٽ کي ڳولڻ ۾ پريشان آهن ته ڪنواريتا موقف ڏيڻ کان انڪاري آهن، راحب ملڪ جو چوڻ آهي ته پوليس ڪا به مدد نه ٿي ڪري پٽ جو ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي: شادي جي ڪاڄ مان پر اسرار طور لاپتا ٿي ويل گهوٽ جو پتو نه پيو