ڪراچي/ گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو/ ڏهرڪي (نمائندن وٽان) ڏهرڪي مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل موهن لال بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، وارثن ۾خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وهن کي عورتاڻي آواز ۾ اغوا ڪارن ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ۽ گهوٽڪي پوليس رئوانتي جي ڪچي مان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي موجب ته پوليس اغوا ڪارن جي ٻن سهولت ڪارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آهن، انهن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، پوليس آپريشن ڪچي ۾ ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو. پورهيت موهن لال روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته چار هٿياربندن رائونتي جي ڪچي مان اغوا ڪري ٻيلي ۾ قيد ڪري رکيو، جتي اغواڪار ڀنگ لاءِ تشدد ڪندا هئا، پوليس اچانڪ ڏوهارين سان مقابلو ڪيو ته اغوا ڪار مونکي ڇڏي فرار ٿي ويا. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ايم پي اي شهريار شر موهن لال کي واپس ڪرايو آهي. موهن لال کي اغوا ڪرڻ بعد ڌاڙيلن پاران تشدد ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي عوام جو سخت رد عمل سامهون آيو هو، ايم پي اي شهريار شر، صوبائي وزير عبدالباري پتافي، پير آف ڀرچونڊي ميان مجن، ميان رفيق ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ به وارثن وٽ پهتا هئا، مينگهواڙ پنچائت جي وفد به ايس ايس پي گهوٽڪي سان ملاقات ڪئي هئي، گورنر سنڌ پورهيت جي اغوا ۽ تشدد واري وڊيو جو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کي موهن لال کي بازياب ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته رينجرز کي ڪچي ۾ خصوصي آپريشن جا اختيار ڏنا وڃن.خانپور مهر ۾ مينگهواڙ برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪامريڊ عباس باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو