ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ بينڪ مان ڪيش وٺي نڪرندڙ واپاري جو ڦورن پيڇو ڪري شهر جي داد روڊ وٽ يرغمال بڻائي ورتو، مزاحمت تي ڦورن گوليون واپاريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو زخمي، ڦورو 35 لک رپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، وارثن جو ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو. خبر موجب ڏهرڪيءَ ۾ واپاري اميربخش راڄڙي پنهنجي ڀاڻيجي منصور راڄڙيءَ سان گڏ مقامي نجي بينڪ مان 35 لک رپيا ڪيش ڪڍرائي دڪان تي وڃي رهيو هو ته ڦورن پيڇو ڪري داد روڊ وٽ روڪ رقم ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي گوليون هڻي امير بخش راڄڙي کي قتل ۽ منصور راڄڙيءَ کي زخمي ڪري ڇڏيو. واپاري جي قتل بعد وارث لاش کڻي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ مجيد راڄڙي، پٽ نديم ۽ نويد راڄڙي چيو ته ظالمن اسان جو ويڙهو ئي ويران ڪري ڇڏيو. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته پاڻ کي ايس ايس پي آفيس آڏو باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندا سين. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ پهتل  ڄام فتاح سميجو، چوڌري عبدالرزاق آرائين، پيربخش ڀٽي ۽ ٻين چيو ته شهري غير محفوظ  ٿي چڪا آھن، هاڻي ڏوهارين شهرن جو رخ ڪيو آھي، پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويئي آھي. هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي معاملي جو نوٽس وٺندي ايچ او ڏهرڪي حسين علي کرل کي لائين حاضر ڪري سندس جاءِ تي قابل ڀيو کي ايس ايچ او ڏهرڪي مقرر ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.