ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ دبئي رهندڙ نوجوان جي زال کي چاچي سان ڪارنهن تهمت مڙهي، جرڳو ڪرڻ ۽ 22 لک روپيا ڏنڊ وٺڻ جو انڪشاف سان گڏ هڪ نوجوان جي تذليل جو به انڪشاف ٿيوآهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ جان محمد ٽانوريءَ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شهزادو ٽانوري ۽ يونس ٽانوريءَ جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ شهزادو ٽانوري جي تذليل ڪئي ويئي، بعد ۾ شهزادو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته جهيڙي جو اصل سبب ڪارنهن وارو جرڳو آھي. هن انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته آصف علي ٽانوري جيڪو دبئي رهندو هو، هن جي زال حڪيمان کي هن جي پيءُ ۽ چاچي پناهه ٽانوري وارن پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ دين محمد ٽانوريءَ سان ڪارنهن جو الزام ڏيئي حڪيمان کي گهران ڪڍي ڇڏيو، جنهن جو پير اعجاز شاهه، ڪريم بخش ٽانوري جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل دين محمد ٽانوري مٿان 22 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن حڪيمان جو مڙس آصف دبئي کان واپس آيو ته هن پنهنجي زال کي ٻيهر ۾ ويهاري ڇڏيو. مون سوشل ميڊيا تي ان جي هڪ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو ته يونس وارن منهنجي تذليل ڪئي. هوڏانهن ڪارنهن الزام هيٺ آيل دين محمد ٽانوري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ماٽيلي ڀائرن پناهه ۽ سچار منهنجي مٿان ڀائٽي آصف جي زال حڪيمان سان ڪارنهن تهمت مڙهي. ان جو جرڳو ڪجهه مهينا اڳ ڪري منهنجي مٿان 22 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن آصف دبئي کان واپس آيو ته هن پنهنجي زال کي ٻيهر گهر ۾ ويهاريو ته مون ڏنڊ جي رقم واپس گهري. مون جرڳي واري اڌ رقم واپس ڪئي ۽ اڌ رقم منهنجي هڙپ ڪري ويا. ڪارنهن تهمت دوران ڀائرن منهنجي ڄنگهه به ڀڃي ڇڏي هئي. مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي. حڪيمان جي مڙس آصف ٽانوري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شهزادو ٽانوري وارن منهنجي زال مٿان ناحق الزام لڳرايو، مون دبئي کان واپس اچڻ وقت پنهنجي زال کي گهر ۾ ويهاري ڇڏيو آھي جيڪا ڪاري ناهي.


































