ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ ۾ نجي ڀاڻ فيڪٽريءَ ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف  ٻه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري فيڪٽري جي گيٽ آڏو نٽهڻ اس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. خبر موجب اينگرو ڀاڻ فيڪٽري ۾ هر سال جيان هڪ مهيني واري شٽ ڊائون ۾ هزارين مزدورن کي ڏهاڙي تي ڪم ڪرايو ويندو آھي. هن سال ڀاڻ فيڪٽري انتظاميا پاران شٽ ڊائون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي من پسند ٺيڪيدارن معرفت غيرمقامي ماڻهن کي گهرائي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ خلاف جسقم ڪارڪنن ۽ مزدورن پاران باءِ پاس ڏهرڪيءَ کان ريلي ڪڍي اينگرو گيٽ آڏو ٻن ڪلاڪ تائين نٽهڻ  اس ۾ ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ، مير لاشاري، حيدر شر، اسد لغاري، وحيد ميراڻي، نظير احمد ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته هڪ طرف برساتي ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ته ٻئي طرف فيڪٽري انتظاميا مقامي پورهيتن کان مزدوري وارو حق به کسي ورتو آھي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شٽ ڊائون ۾مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏنو ويو ته غيرمقامي ماڻهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي.