ڏهرڪي (ن پ ا ) اوٻاوڙو ۾ ٻه هفتا اڳ قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن جو بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏهرڪيءَ ۾ احتجاج. خبر موجب ٻه هفتا اڳ اوٻاوڙو ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڏهر ڌرين ۾ جهيڙي دوران  قتل ٿي ويل پورهيت علي حسن سپيو جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ  خلاف وارثن ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. احتجاج ڪندڙ ۾ مقتول جا معصوم ٻارڙا به شامل هئا. مقتول جي پيرسن والد غلام رسول سپيو جو چوڻ هو ته ڀوتار گوگي ڏهر وارن ظلم ڪري منهنجو نوجوان پٽ قتل ڪيو آھي پر پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيو وڃي.