ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران 15 جنوري تي رٿيل مڪاني اليڪشن بابت ڏنل بيان حڪومتي رٽ کي چيلنج ڪرڻ برابر آھي،  عوام جي رد ڪيل پارٽي ۾ ايتري ھمت ڪٿان آئي؟ ڏسون ٿا ته اھي ڪيئن نٿا اليڪشن ڪرڻ ڏين ـ رات پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته سي ايم ھائوس توڙي گورنر ھائوس کان بھادرآباد تائين سڀئي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي سازش ڪن پيا،هنن  سدائين مھاجرن جو استحصال ڪيو آهي ـ ھن چيو ته اليڪشن مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز کي خط لکيا آهن،  جماعت اسلامي اڄ ٻيھر پنهنجي لائحه عمل جو اعلان ڪندي