ڏاهپ، عقل جي ڪهڙي حالت کي چئبو آهي؟

0
124
ڏاهپ، عقل جي ڪهڙي حالت کي چئبو آهي؟

 ڏاهپ سان پيار ڪندڙ ماڻهو فلسفو پڙهندا آهن. فلسفي جي شعبي ۾ اعليٰ مهارتون رکندڙ مرد توڙي عورتون فلسفي تي ڊگها ڊگها بحث پڻ ڪندا آهن ۽ اُنهن جو اهو مڃڻ پڻ آهي ته انهن جي ڊگهن بحثن جي نتيجي ۾ ڪو نه ڪو مثبت حل ضرور نڪري ايندو آهي. گهڻي قدر فلسفي جي مهارت کي ڳالهائڻ، ترت عقلي توڙي منطقي بنيادن تي جواب ڏيڻ ۽ ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شيءَ متعلق بنيادي سوال، جواب تلاش ڪرڻ واري عمل کي فلسفو/ڏاهپ چيو ويندو آهي. مثال طور؛ هي ڪائنات ڇا مان ٺهي آهي؟ ان جي ٺهڻ جو ڪارج ۽ سبب ڇا آهي؟ فنا ٿيڻ کانپوءِ به ڪا ٻي ابدي زندگيءَ آهي؟ انسان ڇا آهي؟ عقل ڇا آهي؟ خيال ڇا آهي؟ خيال فاني آهي يا لافاني؟ اهڙي قسم جا ٻيا به کوڙ سارا خيال، سوال، اعتراض ۽ منطقي پهلو فلسفي جي علم واري مدار ۾ چوگرد گهمندا ڦرندا رهن ٿا. اسان وٽ عام طور تي عقلمندي، سمجھه، فهم، چالاڪي، هوشياري، دور انديشي، گيان، دانائي، سياڻپ ۽ ڏاهپ کي عقل جي هڪ مستقل حالت تسليم ڪيو ويندو آهي ۽ اهو تاثر به عام آهي ته ڏاهو ماڻهو اهو ماڻهو هوندو آهي جيڪو زندگيءَ جي مڙني معاملن ۾ ان جي هر هڪ پهلو کي چڪاسيندڙ هجي ۽ ڪنهن به مونجهاري، مسئلي توڙي پُڇيل سوال جي اصل روح تائين پهچندي ان جو انساني عقل وٽ قبول ٿيندڙ حل پيش ڪري ته اهو ماڻهو ڏاهو آهي يا اهو سمورو مرحلو عقلمندي، سمجھه، فهم، چالاڪي، هوشياري، دور انديشي، گيان، دانائي، سياڻپ ۽ ڏاهپ آهي. اسان انساني عقل، فهم، هوشياري، چالاڪي، سمجھه، دور انديشي، سياڻپ، دانائي ۽ ڏاهپ تي جيتري به ٽيڪا ٽپڻي ڪريون تنهن جي باوجود به هڪڙو انسان ٻئي انسان کي سمجهڻ کان مڪمل طور تي هميشه قاصر ئي رهندو آهي. اهو هڪ يونيورسل سچ آهي. جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ها باقي ڪنهن حد تائين شخصيتن کي سمجهڻ لاءِ انسان جي مزاج، پسند ۽ ناپسند کي ڏسي انهي بابت ڪا راءِ جوڙي سگهجي ٿي. اهو ئي طريقو ڏاهپ وارو طريقو چئبو آهي. پر اها راءِ جيئن ته مشاهدي کانپوءِ وجود ۾ ايندي آهي. ان لاءِ اها ايتري مضبوط ڪونه هوندي آهي، جو ان کي تبديل يا رد نه ڪري سگهجي. سماجي جانور سڏيو ويندڙ انسان جيڪڏهن عقل جو درست استعمال ڪندي، عزت، احترام، پنهنجائپ، ڀائپي، مٽي مائٽي ۽ دوستي جو ڀرم رکي ته هوند ان جهڙو املھه ڪوبه ٻيو فرد نه ٿو ٿي سگهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اهو ساڳيو ئي انسان فلسفي، ڏاهپ ۽ هر قسم جي علمن کي هڪ پاسي رکي ڪري پنهنجي بُڇڙائي ۽ نرڄائي تي لهي اچڻ کانپوءِ پنهنجي ويجهن عزيزن، ساٿين، مٽ مائٽن ۽ دوستن کي اکين سان سُڃاڻڻ ۽ دل سان احترام ڪرڻ ترڪ ڪري ته ان کي قابو ۾ ڪير ڪري سگهندو؟ ان کي ڏاهپ جا سمورا فلسفا ڪير سمجهائيندو؟ لفظ ڏاهپ فلسفي سان مروج ڪيل هڪ مفروضو آهي. عقلمندي، سمجهھ، فهم، چالاڪي، هوشياري، دور انديشي، گيان، دانائي، سياڻپ يا ڏاهپ انساني عقل/ذهن جي هڪ اهڙي عارضي حالت جو نالو آهي. جيڪو ڪجھه انساني ذهنن مٿان بجلي جي چمڪي جيان چمڪو ڏئي گم ٿي ويندي آهي.

حقيقي زندگيءَ ۾ اسان جڏهن ڪنهن وڏي، پيچده ۽ منجهيل مسئلي توڙي مونجهاري ۾ مبتلا ٿيندا آهيون ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ذهن تي دٻاءُ رکندي پنهنجي سوچن کي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙائڻ شروع ڪندا آهيون ته جيئن ان جو ڪو مثبت حل سامهون نڪري نروار ٿئي. انهي عرصي دوران ڏاهپ ڪنهن غير متوقع پهر ۾ انساني عقل/ذهن تي چمڪو ڏئي وري سيڪنڊن ۾ ختم ٿي ويندو آهي. انهي چمڪي ۾ ان مسئلي ۽ مونجهاري جو سمورو حل موجود هوندو آهي. جيئن ته اسان جو ذهن اُن مسئلي ۽ مونجهاري واري خيال جي جڪڙ ۾ اڳواٺ ئي ڪجھه ڏينهن کان مضبوط ٿيل هوندو آهي ته ان چمڪاٽ جي ظاهر ٿيڻ سان ئي ان کي جهٽ ۾ جهٽي قابو ڪري وٺندو آهي. هر ماڻهو سان زندگي ۾ کوڙ دفعا ايئن به ٿيندو آهي ته اهو ڪنهن به قسم جي ننڍي کان ننڍي مونجهاري ۾ ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا، مهينن جا مهينا ڦاٿل رهندو آهي. اهڙا ماڻهو انساني عقل جي بلندين تي هوندي به انهي مونجهاري جي حل لاءِ ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ڳولي نه سگهندا آهن. عقل جي اها بيوسي ڏاهپ جي انهي چمڪاٽ جو اڻ ڄاتل مدي تائين انتظار ڪندي آهي. ڪجهھ ماڻهو ايئن به چوندا آهن ته؛“هي معاملو/مونجهارو منهنجي سمجھه کان مٿي آهي يا في الحال مون کي ڪا به ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي.

ڪجھه عرصو سوچڻ کانپوءِ انهي معاملي/مونجهاري متعلق پنهنجي راءِ قائم ڪندس يا اوهان کي آگاھه ڪندس”. اهو ثابت ٿيو ته ڏاهپ جنهن کي فلسفي جي علم سان ڳنڍيو ويندو آهي. انساني ذهن جي مستقل حالت هجي ها ته يقينن انساني دماغ کي ڪنهن معاملي يا مونجهاري ۾ مبتلا ٿيڻ مهل سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ايترو وقت نه لڳائڻو پوي ها. ڏينهن، هفتن، سالن ۽ صدين جا رڪيل جواب انهي چمڪاٽ وسيلي انساني ذهن ۾ کن پل اندر منتقل ڇو ٿا ٿين؟ اهو به سوچڻ جهڙو معاملو آهي. ڀلا اها ڪهڙي شيءَ، قوت يا سُرت آهي. جيڪا انساني عقل/ذهن کي رستو ڏئي وري پاڻ مرادو ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن واپس منتقل ٿي وڃي ٿي؟ حقيقتن جي بنيادن تي ڏسجي ته اصل ڪرشمو ته انساني عقل جي ڊوڙ جو آهي. جيڪو هڪ ئي وقت هر گهڙي، هر پل، هر منٽ ۽ هر سيڪنڊ، شعور توڙي لاشعور واري حالت ۾ هوندي کوڙ سارن معاملن، مسئلن، مونجهارن، ڪمن، حساب ڪتابن ۽ الائي ته ڇا ڇا کي منهن ڏيندو رهندو آهي. اتي ئي وري اها ڳالهھ به ڊگهي مشاهدي کانپوءِ سامهون اچي ٿي ته ڏاهپ ڪڏهن ڪڏهن ڪجھه انسانن جي ذهن مٿان ڪنهن موسمي پکي جي آکيري جيان آکيرو به ٺاهي وٺندو آهي. انهي آکيري جو ڪوئي به مقرر ٿيل وقت نه هوندو آهي. ڪنهن به وقت اهو آکيرو ٺهي ڊهي ۽ وري ڊهي ٺهي سگهي ٿو. اهڙا عظيم ذهن جن کي اهو اندازو ٿي ويندو آهي ته انهن جي دماغ ۾ ڏاهپ پنهنجو آستانو جوڙيو آهي ته اُهي ماڻهو انهي عرصي دوران چڱا ڀلا انساني عقل کي حيران ڪندڙ ايجادون ڪرڻ ۾ جنبي ويندا آهن. عالم انسانيت لاءِ آسانيون فراهم ڪندڙ ثابت ٿيندا آهن. خاص طور تي انسان ذات جي ڀلائي، فلاح و بهبود ۽ سهولت لاءِ نيون راهون هموار ڪري وٺندا آهن. جيڪڏهن لکڻ واري ڪرت سان سلهاڙيل هوندا آهن ته وڏا وڏا شاهڪار ۽ صدين تائين نون ذهنن تي اثر ڇڏيندڙ ڪتاب لکي وٺندا آهن. ڏاهپ سان سرشار ٻيون جيڪي عورتون توڙي مرد آرٽ، سائنس يا ڪنهن ٻي اهم شعبي سان سلهاڙيل هوندا آهن ته اُهي پنهنجي اُن فن ۾ پنهنجو ڪمال ڪري ڏيکاريندا آهن. انهن جو فن پارو ملڪي سرحدن کان ٿيندي آزادي سان سموري دنيا اندر هر فرد، قبيلي ۽ قوم تائين دير سوير پهچي ويندو آهي. ڏاهپ سان پيار ڪرڻ جو اهو مطلب هرگز ڪونه آهي ته اسان لفظ ڏاهپ کي اُچاريندي، لکندي يا ڳالهائيندي وڏيون وڏيون هنبوشيون ته هڻون، جڏهن ته ٻئي پاسي اسان کي اها ئي خبر نه هجي ته ڏاهپ آهي ڇا ۽ ڏاهپ انساني ذهن/عقل جي ڪهڙي حالت کي چئبو آهي ۽ ان تي ڪهڙين حالتن توڙي وقتن تي اثر انداز ٿيندو آهي!