ڇاڇرو(ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي پاڪ ڀارتي سرحد ويجهو ڳوٺ رھاڻ ڀرسان ناياب پکين جو شڪار ڪندڙ شڪارين کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن شڪارين جو ناياب پکين سميت وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڳوٺاڻن يار محمد سميجو، نياز محمد ۽ ٻين موجب گوٺ جي ڀرسان جهنگ ۾ پنجاب کان آيل شڪارين جو ٽولو ناياب پکين جو شڪار ڪري رهيو هو، جن جو پيڇو ڪيو ته ٻيا شڪاري فرار ٿي ويا، هڪ شڪاري نور محمد کي پڪڙي ورتو، شڪار ڪيل باز پکين سميت ٻين ناياب پکين کي آزاد ڪرائڻ بعد شڪاري کي واپس روانو ڪري ڇڏيو آهي.