ڇاڇرو (ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رڙگهڙ ۾ شادي شده ناري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش، ناري جي مڙس جي فرياد تي کينسر پوليس ٿاڻي تي جوابدار منٺار پٽ ملوڪ سميجو تي ڪيس داخل ڪيو ويو. خبر موجب ڇاڇري ويجهو ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رڙگهڙ ۾ شادي شده ناري (س) زال منير سميجو سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي. ناريءَ جي مڙس کينسر پوليس ٿاڻي تي پهچي ڪيس درج ڪرائيندي چيو ته رات جي وقت جوابدار منٺار سميجي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي گهر واري کي تشدد ڪري زبردستي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گهر واري ۽ ٻارن جي رڙين تي پاڙيسرين جي گڏ ٿيڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو. کينسر پوليس ناريءَ جو بيان پڻ رڪارڊ ڪيو. پوليس ڪيس جي نامزد جوابدار منٺار سميجي گرفتار ڪري ورتو آهي، بعد ۾ جوابدار جو ميڊيڪل ڪرائي جزا ليبارٽري موڪليا ويا. پوليس ايس ايچ او کينسر غلام رسول جنجهه جو چوڻ هو ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.