ڏاهاڻي بعد ميرپورخاص جو فاسٽ بالر عاصم علي اڀرڻ لڳو

0
738
ڏاهاڻي بعد ميرپورخاص جو فاسٽ بالر عاصم علي اڀرڻ لڳو
ڏاهاڻي بعد ميرپورخاص جو فاسٽ بالر عاصم علي اڀرڻ لڳو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ميرپورخاص ۾ هڪ وڌيڪ باصلاحيت ڪرڪيٽر سامهون آيو آهي جنهن جو نالو عاصم علي آهي، فاسٽ بالر جو قد 6 فٽ 8 انچ آهي ۽ سندس عمر 17 سال 5 مهينا آهن. عاصم علي علائقي جو سڀ کان تيز بالر آهي ۽ سندس رفتار 135 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ آهي

سندس باري ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل معلوما ت ۾ چيو ويو آهي ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ هو بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري چڪو آهي پر پوءِ به کيس نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هي نوجوان بالر به انڊر نائنٽين کيڏڻ جي لائق آهي.