ڏاهاڻي بس پرفارم ڪري پوءِ ڀلي جشن ملهائيندو اسٽيڊيم مان ٻاهر هليو وڃي: شاهد آفريدي

0
464
ڏاهاڻي بس پرفارم ڪري

ڪراچي: قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي ڪجهه ڏينهن اڳ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي تي ناراض نظر آيو هو، جڏهن ته پي ايس ايل ڪواليفائرز ۾ لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي کيس ساراهڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.

شاهد آفريدي جو خانگي ٽي وي تي انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو ڏاهاڻي بابت ڪيل ڳالهه جي وضاحت ڪندو ڏسي سگهجي ٿو. انٽرويو ۾ ميزبان ڏاهاڻي جي ڀاءُ مخمور علي ڏاهاڻي جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل ٽوئيٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي ماءُ کي ڪرڪيٽ جي الف ب جي خبر ناهي پر جڏهن توهان کانئس ڏاهاڻي جي ڪرڪيٽ بابت پڇيو ته هوءَ چوي ٿي ته منهنجو پٽ آفريدي وانگر ڪرڪيٽ کيڏي ٿو ۽ سندس دعا آهي ته الله توهان کي آفريدي وانگر ڪامياب ڪري ڇو ته هوءَ ڪرڪيٽ ۾ رڳو  آفريدي کي سڃاڻي ٿي

ان تي شاهد آفريدي ڏاهاڻي جي والده جي خواهش پوري ٿيڻ جي دعا ڪئي ۽ چيو ته مان شروع کان ئي نون رانديگرن کي سپورٽ ڪندو رهيو آهيان ۽ اهو گهٽ ئي ٿيندو آهي پر جڏهن مان ٽيم ۾ شامل ٿيو هيس ته ڪنهن مون کي به سپورٽ ڪيو هو. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته مان نوان رانديگرن کان صرف اهو چاهيان ٿو ته هو ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏين، شاهنواز ڏاهاڻي کي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پوءِ ڀلي هو جشن ملهائيندي گرائونڊ مان ئي نه اسٽيڊيم مان ئي ٻاهر ڇونه هليو وڃي.