ڏاج معاشرتي ناسُور!

0
430

قومون سڀ ئي زنده هونديون آهن پر ڏٺو اهو ويندو آهي ته زنده رهڻ واريون قومون ڪهڙيون آهن؟ قومن کي بقاءَ ۽ زندگي جي لاءِ پنهنجي اجتماعي صلاح ڪرڻي پوندي آهي حڪومت هجي يا عوام، فرد هجي يا قوم، پنڻ هجي يا محتاجي! زنده قومن کي زيب ناهي ڏيندو.اسان جي ملڪ ۾ مسلمان ته گهڻا آهن پر اسلام صفا گهٽ نظر ايندو آهي اهو ڏٺو ويو آهي ته اڪثر ماڻهو شارٽ ڪٽ ڪري راتورات امير ٿيڻ جي چڪر ۾ ڪڏهن گامون خان کان ڦرجن ٿا ته ڪڏهن آمون خان کان ٺڳجن ٿا. ان ڏس ۾ ڪڏهن ڪنهن به حد کي پار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي عزت ۽ آبرو کي داءَ تي لڳائيندا آهن. اسان جي معاشرتي خرابين ۾ ڌيئرن وارن کان ڏاج جو مطالبو ڪرڻ جهڙي روايت به هڪ وڏي لعنت آهي، جنهن ۾ مال ۽ ملڪيت جا پوڄاري، لوڀي ۽ لالچي وڏي ستم ظريقي سان ڏاج جو پنڻ گهرندا آهن ۽ رشتو وات منجهان ڪڍيل ڏاج جي شرط تي طئي ڪندا آهن.ايستائين جو سڀ ڪجهه طئي ٿيڻ کان بعد جڏهن شادي ڪارڊ ڇپجي ويندا آهن ته پنهنجا مطالبا آڏو رکندا آهن.
اهڙن ماڻهن جا معيار ٻٽا هوندا آهن، جيڪڏهن انهن جي پنهنجي ڌيءُ جي شادي هجي ته اهي توقع ڪندا آهن ته انهن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏاج جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ اهي ڏاج تي کُلي عام لعن طعن ڪندي نظر ايندا آهن پر ڳالهه جڏهن پنهنجي پٽ جي هجي ته ٻين جي ڌيئرن کي پنهنجي ناهن سمجهندا ۽ ڏاج جي حوالي سان پينلٽي اسٽروڪ لڳائڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن ۽ وڏي خوبصورت پر منجهيل انداز ۾ مطالبا ڪندا آهن اهو سڀ ڄاڻون ٿا ته انهي مدي خارج ۽ غير انساني رسم ۽ رواج جي ڪري غريب غربي جون ويچاريون نياڻيون پيڙائن جي چادر اوڍي حياءَ ۽ حجاب جي چوديواري ۾ ويهي ويهي پوڙهيون ٿي وڃن ٿيون.اهي والدين پنهنجي غربت،افلاس ۽ مدي خارج رسم رواج جي ڪري سندن شادي خانه آبادي جو بندوبست نه ٿا ڪري سگهن ۽ جيڪڏهن ڪوئي بغير ڏاج جي پنهنجي ڌيءُ جا هٿ پيلا به ڪري ته اها خانه آبادي نه بلڪه خانه بربادي بڻجي ويندي آهي ۽ پنهنجا ويڳاڻا ويڳاڻا ۽ ديوانا بڻجي ويندا آهن، ايستائين جو گهري ايندي ئي ساهورا طرح طرح جا طعنا ڏيڻ لڳندا آهن. والدين پنهنجي نازن نخرن سان پليل لاڏلي جوان ڌيءُ جيڪا سندن غمگسار هئي انهي کي غير جي سپرد ڪري ٿا ڇڏين جنهن جي بغير اهي هڪ پل به ڪو نه ويهندا هئا،کيس هميشه هميشه جي لاءِ رخصت ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڏئي ڇڏيندا آهن . پنهنجي مفلسي ۽ غربت جي ڪري نمود ، نمائش ۽ فرسوده رسمن کي پورو نه ڪري سگهندا آهن پوءِ ساهورا ته ٺهيو پنهنجا پرايا سڀ پيا ڳالهيون ڪندا آهن.ان کان وڏي غفلت ۽ جهالت ٻي ڪهڙي ٿيندي ته اسان جي معصوم ۽ بي زبان ڌيئرون ۽ نياڻيون پنهنجي ارمانن سميت پوڙهيون ٿي رهيون آهن پر ڪرتا ڌرتا ماڻهو ان مامري ۾ انڌا، ٻوڙا ، گونگا ۽ پٿر دل بڻجي تماشو ڏسي رهيا آهن.اسان يورپ ۽ عرب ملڪن جون ساراهون ڪندي ڪو نه ٿڪبا آهيون حالانڪه اتي ته ڏاج جو ڪوئي تصور به نه آهي پر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڏاج کي Jahez is trade جو پنهنجو سلوگن بڻايو آهي. سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ماروئڙا ان ناسور ۾ وڪوڙيل ۽ جڪڙيل آهن. ڏاج جي ڪري ڪيتريون ئي نياڻيون رهجي ويون آهن ۽ انهن جا مٿا اڇا ٿي ويا آهن پر اهي شادي جهڙي زيور کان محروم آهن.اسان جي سرور ڪائنات حضرت محمد صلعم جو عملي مثال موجود آهي ته پاڻ سڳورن پنهنجي پياري ۽ لاڏلي نياڻي حضرت فاطمه رضه جي شادي ڪيتري نه سادگي سان انجام ڏني ۽ وري ڏاج ۾ ڇا ڏنو، اها سڄي دنيا کي خبر آهي پاڻ سڳورن صه ڏاج جمع ڪرڻ جي بدران وقت تي پنهنجي نياڻي جي شادي ڪري ڇڏي.ان ڳالهه مان اهو سبق سکون ته ڏاج واقعي ئي هڪ معاشرتي ناسور آهي جيڪو معاشري کي اڏوهي وانگر کائي ٿو.
اسان جي معاشري ۾ به گهوٽ کي گهرجي ته محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي شريڪ حيات ۽ پنهنجي روزمره جي ضرورتن جو پاڻ بندوبست ڪري وٺي ۽ ساهورا پنهنجي حيثيت مطابق جيڪڏهن ڪجهه ڏئي سگهن ته ٺيڪ نه ته ڏاج کي پنڻ سمجهي انهي جو بائيڪاٽ ڪن، ان طرح ڌيءُ کي به ڏاج جي بدران اسلام جي مطابق جائيداد ۾ هن جو پورر حق کيس ڏيڻ گهرجي .
اسان جي معاشري ۾ ان رسم کي هڪ فيشن طور سمجهيو وڃي ٿو پر ان جا اثر ٻين تي خراب پون ٿا ۽ ان ڳالهه جي ڇنڊا ٻين تائين پهچن ٿا. اچو ته ان رسم کان نا بري واري سادگي جي گس تي هلي معاشرتي زندگي کي سنواريون ۽ سڌاريون.